اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪس کي وڏي غلطي قرار ڏيندي چيو آهي ته هو ان جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي رهيو آهي جيڪا معاملي جي تهه تائين پهچندي. وزيراعظم شهباز شريف ٻين وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آڊيو ليڪس ۾ مريم نواز جي سفارش بابت پڇيل سوال تي چيو ته آڊيو ليڪس ۾ ڪا غلط ڳالهه ناهي، جيڪڏهن ڪا غلط ڳالهه نڪتي ته قوم کان معافي وٺندس. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي لنڊن ۽ آمريڪا جي دوري بابت چيو ته عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون بهتر رهيون، چين ۽ روس جي صدر سان به ملاقات ٿي. هن چيو ته مان جنرل اسيمبلي سان خطاب ۾ ڪشمير، فلسطين جي معاملي تي پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو، اسلامو فوبيا تي پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ اها تباهي آندي، جنهن جو مثال نٿو ملي، همدردي جي اظهار ۽ امداد تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڀرپور مدد ۽ ڪوشش حاصل رهي، شيري رحمان ۽ مريم اورنگزيب جي به ڀرپور ڪوشش شامل رهي.
وزيراعظم چيو ته عالمي اڪيلائي سان پاڪستان کي نقصان پهچي رهيو هو، گذريل حڪومت دوست ملڪن کي جيئن ڪاوڙايو ان جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، گذريل حڪومت دوست ملڪن کي ڪاوڙايو، دوست ملڪن جي سربراهن جيڪي لفظ چيا اهي نٿو ٻڌائي سگهان، رياستي سيڪريٽ آهي پر هاڻ پاڪستان عالمي اڪيلائي مان نڪري آيو آهي. شهباز شريف چيو ته آڊيو ليڪ انتهائي اهم معاملو آهي، ان تي اعليٰ اختياراتي ڪميٽي ٺاهي رهيو آهيان، آڊيو ليڪ کانپوءِ هاڻي ٻاهران پاڪستان جي وزيراعظم سان ڪير ملڻ ايندو؟ اهو 22 ڪروڙ عوام جي عزت جو معاملو آهي، آڊيو ۾ اهڙي ڪا هيرا ڏيڻ، زمينون ڏيڻ جي ڳالهه نه هئي، جيئن عمران خان جي دور ۾ سامهون آئي، آڊيو ليڪس ۾ جيڪڏهن ڪٿي منهنجي غلطي ثابت ٿي ته قوم کان معافي وٺندس. هن چيو ته مان وڏي وزير کان وٺي وزيراعظم بڻجڻ تائين جيڪي به دورا ڪيا پنهنجي خرچ سان ڪيا، احترام سان نه ڳالهائڻ، پاڻ کي آئنسٽائن سمجهڻ، ڄنگهه تي ڄنگهه رکي ويهڻ ۽ ڪم ڪجهه نه ڪرڻ، ان سان پاڪستان کي نقصان پهتو.
سندس چوڻ هو ته سفير جي سائفر جي وڌيڪ جاچ جي ضرورت ناهي، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ عمران خان جي تقرير جو معاملو پارليامينٽ کڻي وينداسين، قانوني ڪارروائي به ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته مون تي الزام هڻندڙ عمران خان آئينو ڏسي، خدا جو خوف ڪري، ڇا عمران خان ٻاهر پئسو ڏيڻ ويندو هو؟ جيڪڏهن مان وٺڻ ويندو آهيان ته ڇا عمران خان پئسن جون ٽجوڙيون ڀري ويندو هو؟ هن چيو ته مريم نواز ڪا سفارش ناهي ڪئي ۽ نه ئي فيور جو مطالبو ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر توقير جو ڳالهه ڪئي هئي ته سندس شگر مل جي اڌ مشينري ڀارت مان امپورٽ ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان ڳالهايو ويو آهي. هن چيو ته عمران خان سڄي رياستي مشينري استعمال ڪري نواز شريف، مريم نواز، پ پ ۽ مون سميت سموري مخالف ڌر تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا هئا. هن چيو ته عمران خان بشير ميمڻ کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي چيو ته هنن جي مٿان ڪيس داخل ڪريو ته هن ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ کان انڪار ڪيو، هن کي ڇا ٿيو، ميڊيا ۾ تمام گهڻو شور مچايو ويو آهي، ان سان انصاف ڪيو وڃي، جيڪڏهن مان غلط آهيان ته سڄي قوم کان هٿ ٻڌي معافي گهرندس.