پاڪستان

پاڪستان موسمياتي انصاف جو خواهشمند آهي، موسمياتي آفت مان نڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي: بلاول ڀٽو

واشنگٽن/اسلام آباد: پرڏيهي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ آمريڪا پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر امدادي سرگرمين جي لاءِ 56.1 ملين ڊالر جي اڳ ۾ اعلان ڪيل امداد کانسواءِ 10 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير آمريڪي هم منصب کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي بابت ٻڌايو، جنهن ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ قيمتي جانين جي زيان کانسواءِ روزگار جي ذريعن کي به تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي امدادي ڪوششن بابت آمريڪي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ امداد تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته ڪو به ملڪ هن سخت بحران مان پاڻ نه ٿو نڪري سگهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جيتوڻيڪ ماحول دشمن گيسن ۾ ان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي انصاف جو خواهشمند آهي ۽ هو ان ڏس ۾ پنهنجي حصيدارن طرف ڏسي رهيو آهي ته جيئن هو ان موسمياتي آفت مان نڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آبپاشي، مواصلات، توانائي، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ صحت جهڙن شعبن ۾ بهتر سرسبز ۽ موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي بحران جو موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير خطي ۾ امن، سلامتي ۽ اقتصادي خوشحالي جي فروغ لاءِ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي تاريخي ۽ وڌندڙ اهميت تي زور ڏنو. هن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه مناسب انداز ۾ ملهائي رهيا آهن ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ اميد ۽ گڏيل طور تي فائديمند روڊ ميپ تيار ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته گذريل مهيني هڪ تاريخي مقامي موسمياتي پئڪيج تي صحيح ڪندڙ آمريڪي صدر جوبائيڊن کي به “موسمياتي انصاف” جو معاملو ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن جوبائيڊن جي اليڪشني نعري کي استعمال ڪندي چيو ته “اهو رڳو اهم ناهي ته اوهان بهتر تعمير ڪريو.” هن چيو ته ان بحران ۾ پاڪستان لا اهو هڪ موقعو آهي ته اسان کي پنهنجي گهر کي به بهتر، سرسبز، وڌيڪ آب هوا لا لچڪدار ٺاهڻ گهرجي ۽ مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ اهو اسان ڪري سگهون ٿا. آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سان قيمتي جانين جي زيان ۽ اقتصادي نقصان تي پاڪستان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ جي آمريڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻن امڪانن جي ڏس ۾ آمريڪي نجي شعبو توانائي جي شعبي سميت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي مدد جي ضرورت جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو. آمريڪي پرڏيهي وزير افغانستان مان واپسي جي دوران پاڪستان پاران حمايت تي به ٿورا مڃيا. پرڏيهي کاتي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ٻوڏ متاثرن جي لاءِ اضافي 10 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، جنهن تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير ان جا ٿورا مڃيا. جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستان کي چيو آهي ته هو ملڪ ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي سبب ويجهي دوست ملڪ چين کان قرضن ۾ رليف حاصل ڪري. هن چيو ته اسان هڪ سادو پيغام اماڻيون ٿا ته اسان پاڪستان لا ائين ئي آهيون جيئن ماضي جي قدرتي آفتن دوران هئاسين ۽ ٻيهر اڏاوت جا منتظر آهيون. انٽوني بلنڪن وڌيڪ چيو ته “مون پنهنجن ساٿين تي قرضن ۾ رليف ۽ نئين سر منظم ڪرڻ جي ڪجهه اهم معاملن تي چين کي شامل ڪرڻ لا زور ڀريو ته جيئن پاڪستان وڌيڪ تيزي سان ٻوڏ جي تباهي مان نڪري سگهي.” جڏهن ته ولسن سينٽر جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄ به منهنجي عمران کي صلاح آهي ته جمهوريت جي، جمهوري ادارن جي عزت ڪري، پنهنجو ڪم ڪري ۽ پنهنجي ذاتي انا کان اڳتي ڏسي. بلاول ڀٽو چيو ته ڀارتي وزيراعظم مودي پنهنجي ملڪ ڀارت کي ڪوشش ڪري سيڪيولر بنيادن کان پري ڌڪيو، جنهن سيڪيولر ملڪ ۾ هر ڀارتي شهري جي لا جا هئي پر مودي هندستان کي هندو انتهاپسندي ڏانهن ڌڪي وٺي ويو. هن چيو ته ٻه ڌرين لاڳاپن ۾ سڀني کان اهم هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ آهي، اوهان جيستائين هندستان سان ذميوار ناتن جو تعلق آهي ته اسان اهو ئي چاهيو آهي ته اسان ٻئي ملڪ عزت سان هڪ ٻئي سان گڏجي هلون. هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان ان ڪري به وڙهي رهيا آهيون جو انهن جي ڪري 80 هزار شهري مارجي چڪا آهن، اسان وٽ هر روز دهشتگرد حملا ٿيندا هئا ۽ اسان مان ڪو به ان دور جي واپسي نٿو چاهي. هن چيو ته ڪرپشن سڄي ڌرتي تي آهي، ايستائين جو آمريڪا ۾ به آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان انهن ملڪن جي ماڻهن کي لويو، جيڪي موسمي تبديلين جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته موسمي تبديلي کي منهن ڏيڻ اڄ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود ٻوڏ جي پاڻي کي سمنڊ ڏانهن نيڪال يا سڪڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳندا، اسان هن وقت ٻي مصيبت کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جيڪا بيمارين جي مصيبت آهي. بلاول ڀٽو چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جڏهن به گڏجي ڪم ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن عظيم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اسرندڙ ملڪ موسمياتي انصاف لا واجهائي رهيا آهن ۽ عالمي برادري بهتر سماج جي اڏاوت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻطرفي ڳالهين ۾ مبينا طور تي اڳوڻي وزيراعظم کي ڌمڪيون ڏيندڙ آمريڪي عملدار ڊونلڊ لو به آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان گڏ موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button