پاڪستان

شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله تياري ڪن، منهنجو پلان ٺهي رهيو آهي: عمران خان

پشاور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حقيقي آزادي لاءِ سڄي قوم کي ڪڍندس. پشاور ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ونگ سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ قاتل راڻا ثناءُ الله ويٺو آهي، جنهن گذريل ڀيري عورتن تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ۽ شيلنگ ڪئي، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله تياري ڪن، منهنجو پلان ٺهي رهيو آهي، حقيقي آزادي لاءِ سڄي قوم کي ڪڍندس. هن چيو ته اڄ مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي پيا آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه ڪِري پيا، هتي وڌي ويا آهن، چورن کي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي، شهباز شريف هڪ مفرور سان گڏ آيو آهي، جيڪو ملڪ جو پئسو چوري ڪندو رهيو. سندس موجب نيب اسحاق ڊار کان سوال ڪيو ته توهان جي پيءَ جو ته سائيڪل جو دڪان هو، توهان ارب پتي ڪيئن بڻجي ويا؟ نيب جي ان سوال تي اسحاق ڊار جون ڄنگهون ڏڪڻ شروع ٿي ويون. عمران خان وڌيڪ تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن کان اهي ٻه خاندان آيا، اهي امير ٿيندا ويا ۽ ملڪ قرضي ٿيندو ويو، اهي سڀئي چور پئسو کڻي ٻاهر ويندا آهن ۽ ڊيل ڪري واپس ايندا آهن. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته نواز شريف ڪوڙ ڳالهائيندي برطانيا ويو، سندس ميڊيڪل رپورٽون به ٻه نمبر هيون، مريم نواز جي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل آهي. عمران خان چيو ته اسحاق ڊار اين آر او تحت ڊيل ڪري پاڪستان پهتو ۽ اسان جو انصاف جو نظام اسحاق ڊار جو رستو روڪي نه سگهيو پر اوهان جو ڀا عمران خان اسحاق ڊار جو رستو روڪيندو. هن چيو ته عدل ۽ انصاف ڏسڻو آهي ته سئٽزرلينڊ هليا وڃو، اتي ڪي وسيلا ناهن پر خوشحالي ڏسو، مسلمان ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني 20 سيڪڙو به ناهي پر سئٽزرلينڊ ۾ 100 سيڪڙو رول آف لا آهي، اڄ اوهان کي فلاحي رياست ڏسڻي آهي ته اهان سوئيڊن ۽ برطانيا هليا وڃو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button