پاڪستانسنڌ

ٻڍو قمبراڻي ۾ ٻڏل ڳوٺ ۾ گهر ڏسڻ ويل نوجوان ٻڏي فوت

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان بدين ضلعي جي حد يوسي ٻڍوقمبراڻي جي ڳوٺ نورالدين آرائين ديهھ ڪانگڻي جو رهواسي 36 ورهين جو لياقت ولد طالب حسين آرائين ٻوڏ ۾ ٻڏل گهر جي سار سنڀال لا ڳوٺ نورالدين ويو ته پير سلپ ٿيڻ سبب اونهي پاڻي ۾ ڪري پيو، سندس رڙين تي ڳوٺاڻا پهتا، پر نوجوان ٻڏي فوت ٿي چڪو هو، جنهن جو لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن انجمن آرائيان جي اڳواڻن اخلاق احمد آرائين، محمد شفيق آرائين، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر رضا خالق آرائين ۽ ٻين چيو ته ڪانگڻي موري جي آسپاس سوين ڳوٺن ۾ چار کان پنج فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جيڪو نيڪال نه ٿيڻ ڪري چيٽ جي پوکي ته نه ٿي سگهندي، پر هاڻ پاڻي نوجوانن جون حياتيون ڳڙڪائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button