اسلام آبادپاڪستان

اسٽيبلشمينٽ سان دشمني ناهي، حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: فواد چوڌري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ادارن سان گڏجي وڌڻ چاهيون ٿا، حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪائي نسلن جي دشمني نه آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ايونٽ اچن ٿا ۽ گذري وڃن ٿا اسٽيبلشمينٽ لاءِ چونڊ ڪرائڻ ڪائي ڏکي ڳالهه نه آهي.

هن چيو ته ڪوشش آهي ته فساد بنا اليڪشن تائين پهچي وڃون. فواد چوڌري چيو ته چيف جسٽس جي اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته اهڙيون پٽيشنز عدالتن ۾ نه اچڻ گهرجن پر عدالتن کي به پارليامينٽ ۾ وڃڻ جا مشورا نه ڏيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button