پاڪستانسنڌ

سنڌڙي پوليس اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

ميرپورخاص: سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومرا واٽر مان هڪ هفتو اڳ مبينا اغوا ٿيل نائين ڪلاس جي شاگردياڻي 14 ورهين جي ڪلثوم پهوڙ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. ڇوڪري جي وارثن سنڌڙي پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مبينا اغوا ٿيل ڇوڪري جي والد شفيع محمد پھوڙ ۽ ما سلمان چيو ته برساتن سبب گھر ڊھي پٽ ٿي ويا، روڊ ڪناري ٽينٽ ۾ ويٺل آھيون، ھڪ ھفتو اڳ علائقي جي بااثرن سومر پھوڙ، لطيف ۽ حسين پھوڙ ھٿيارن جي زور تي اسان جي معصوم نياڻي کي اغوا ڪيو، اسان ڄاڻايل ماڻھن خلاف سنڌڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، پوليس رڳو ھڪ جوابدار حسين پھوڙ کي گرفتار ڪيو آھي، ٻيا جوابدار سرعام آزاد گھمي رھيا آھن، پوليس اڃا تائين نياڻي کي بازياب ناهي ڪرايو، جنهن سبب پريشان آهيون. ھنن الزام هڻندي چيو ته اغوا ڪندڙن کي علائقي جي بااثرن صاحب خان شيخ ۽ نياز شيخ جي پٺڀرائي حاصل آهي، ان ڪري پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، بااثر اغوا ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رھيا آھن، اسان جي ڪير به فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي رھيل جوابدارن ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button