پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي جي ڳوٺ صوفن شاهه ۾ پاڪ آرمي پاران طبي ڪئمپ قائم، مريضن جي چڪاس

ڊگهڙي: ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ صوفن شاهھ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل دلشاد قائمخاني جي ڪوششن سان پاڪ آرمي طرفان برسات متاثرن جي سهائتا لا مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي. ميڊيڪل ڪئمپ تي ڪئپٽن ڊاڪٽر اسد علي مريضن جو معائنو ڪرڻ بعد کين دوائون ڏنيون. ڪئمپ تي ڳوٺ صوفن شاھه سميت آس پاس جي مختلف ڳوٺن ۽ روڊن تي ويٺل برسات متاثر مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن پهچي علاج ڪرايو. ان موقعي تي سماجي شخصيت صفدر علي خان قائمخاني، علي شاهھ، منظور علي چيليو، صائم منور آرائين ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته برساتن کانپو چمڙي جي بيمارين، مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين مرضن منهن ڪڍيو آهي، مفت ميڊيڪل ڪئمپ تي علاج لا آيل مريضن کي معياري دوائون ڏنيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button