پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ ٽينٽ سٽي پٽڻ خلاف متاثرن جو احتجاج

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجھو ٽنڊوآدم-ٽنڊوالهيار مين روڊ جي بس اسٽاپ ٽنڊو سومرو وٽ متاثرن لاءِ قائم ٽينٽ سٽي روينيو عملي پاران پٽڻ ۽ کين بيدخل ڪرڻ واري عمل خلاف پي ٽي آئي اڳواڻ غلام مصطفى ميرجت، اقليتي اڳواڻ عارب ڀيل، الياس سينھڙو ۽ يار محمد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ھو برسات ۾ تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، سندن ڳوٺن ۽ گھرن ۾ به 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي ۽ اسان پنھنجي نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ ڏينهن جو گرمي ۽ رات ٿڌ واري موسم ۾ اجھا نه ھئڻ ڪري سخت پريشان آھيون ۽ مليل ٽينٽ به روينيو ملازم پٽي کڻي ويا، جنھن ڪري اسان روڊن رستن تي دربدر آهيون. شروع ۾ کين ٿورو گهڻو کاڌو ضلعي انتظاميا پاران ملندڙ ھو، جيڪو پڻ بند ڪيو ويو ۽ ھن وقت تائين اسان کي ڪجهه نٿو ملي. هنن گهر ڪئي ته اسان برسات متاثرن تي رحم کائي زيادتي ڪندڙ روينيو ملازمن خلاف قدم کڻي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button