پاڪستانسنڌ

سنڌ لا اعزاز، ٿر واسي نوجوان کي وائيٽ هائوس ۾ وڏو ايوارڊ

ڇاڇرو: آمريڪا جي صدارتي محل وائيٽ هائوس جي ميزباني ھيٺ آمريڪي اين جي اوز طرفان مختلف ملڪن جي انٽرنيشنل وزيٽر ليڊر شپ جي چونڊ ۾ پنجاب، بلوچستان ـ ڪي پي ڪي سميت 8 پاڪستاني نوجوانن حصو ورتو، جنهن ۾ سنڌ کان واحد ٿرپارڪر ضلعي جي ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ بنگل رند جي رهواسي نوجوان ڪوير داس ميگهواڙ شرڪت ڪئي. وائيٽ هائوس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ ڪوير داس ميگهواڙ کي بطور سماجي ايڪٽيوسٽ اين جي اوز ليڊر طور چونڊيو ويو. چونڊ پروگرام ۾ ڪوير داس ميگهواڙ سنڌي ثقافتي ويس پائي شرڪت ڪئي ۽ هن وائيٽ هائوس جي ترجمان آمريڪي اسٽيٽ سيڪريٽري سميت ٻين آمريڪين کي سنڌي ثقافتي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا ڏنا. ڪوير داس ميگهواڙ فون تي ڳالهائيندي چيو ته آئون هڪ مسئلن سان گهيريل پٺتي پيل علائقي ٿرپارڪر جي غريب گهراڻي سان تعلق رکان ٿو، مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اين جي اوز ذريعي انٽرنيشنل ليول تي پنهنجي خطي جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجي خطي جي نمائندگي ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته 17 آڪٽوبر تائين آمريڪا جي ميزباني هيٺ آمريڪا جي 7 رياستن جي وڏن شهرن واشنگٽن ڊي سي، ڪيليفورنيا، نيويارڪ، لاس اينجلس ۽ فلوريڊا سميت مختلف رياستن جي شهرن ۾ گڏجاڻيون رکيل آهن، جتي ٿرپارڪر سميت سڄي سنڌ جا بنيادي مسئلا تعليم، پاڻي، زراعت، ماحولياتي تبديلي، عورتن جي حقن جي لتاڙ، غربت، نوجوانن جي بيروزگاري، ناانصافي، ايجوڪيشن رفارمس، ڊس ايبلٽي اينڊ انفليونس، آئوٽ ڊور ليڊر شپ، عوام جي تبديلي ۾ شاگردن جي قيادت، شهري ۽ ٻهراڙي تعليم، برادرين جا تڪرار، غربت جي خاتمي لاءِ نوجوانن جا پروگرام، آرٽ/ فن جي ذريعي سماجي تبديلي، عورتن جي صحت ۽ حفاظت خودڪشي جي رجحان جي خاتمي سميت ٻين تڪليفن بابت پروگرامن ۾ آگاهي ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button