پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو لڳ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ، 2 نوجوان قتل، ڌريون مورچابند تفصيل موجب اوٻاوڙو لڳ رانوتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ جيئل سيلرو ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه نوجوان مرتضي سيلرو ۽ غني سيلرو موقعي تي قتل ٿي ويا، جنهن کان پو ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون ۽ ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي. جڏهن ته فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو. ٻي پاسي اطلاع باوجود رانوتي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رانوتي ٻڌايو ته جھيڙي ۾ ٻه نوجوان قتل ٿي ويا آھن، راونتي ڪچي جو نوگو ايريا علائقو آھي ۽ ڌاڙيلن جو ڳڙھه آھي، جتي پوليس جو پھچڻ تمام ڏکيو آھي، اسين ڪوشش ڪري ضلعي جي ٻين ٿاڻن جي پوليس نفري گھرائي واقعي واري ھنڌ پھچي جھيڙي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. آخري اطلاع تائين ٻنهي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آھي. ھوڏانھن ٻنهي مقتولن جا لاش تعلقه اسپتال اوٻاوڙو آندا ويا، جن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button