پاڪستانسنڌ

ماٿيلي ڀرسان خوفناڪ حادثو، ما ڌي سميت 3 ڄڻا فوت

ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، معصوم ٻارڙي ۽ ما سميت 3 ڄڻا فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو قومي شاهراهه تي داتا پيٽرول پمپ وٽ ڳڙھي چاڪر کان ڏھرڪي طرف ويندڙ موٽرسائيڪل کي ٽرڪ زودار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڏھرڪي واسي اربيلو بوزدار ۽ سندس ڌي حسينا بوزدار ٿڏي تي چيڀاٽي فوت ٿي ويا. جڏهن ته حسينا بوزدار جو 8 مھينن جو معصوم پٽ فراز ۽ عجيب خاتون زخمي ٿي پيا، جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو نيو ويو، جتي معصوم ٻارڙو زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻي پاسي عورت جي حالت به انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وئي. هوڏانهن ٽرڪ ڊرائيور کي ٿاڻو ٻيلو ميرپور پوليس گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن ته فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندن لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتين جا مڙھه اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ هر اک آلي ٿي وئي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. واضح رهي ته قومي شاهراهه تي هٿرادو يوٽرن ٺاهڻ ڪري حادثا معمول بڻيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button