اسلام آبادپاڪستان

نيازي پارليامينٽ کي ڪمزور ۽ ادارن کي تڪراري بڻايو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جلد ئي پي ڊي ايم جو اجلاس سڏائي پاليسي معاملن کي اپ ڊيٽ ڪنداسين. عمران نيازي پارليامينٽ کي ڪمزور، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن کي تڪراري بڻايو. اسان قوم کي داخلي تقسيم جي آشوب مان ڪڍي قومي وحدت طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي استحڪام ئي معاشي ارتقا جو راز ۽ قومي سلامتي جو مضبوط بنياد بڻجي ٿو. هن چيو ته سياسي استحڪام حاصل ڪرڻ جو بنيادي دستاويز آئين آهي، جيڪو هتان جي 22 ڪروڙ عوام جي گڏيل سوچ جو مظهر آهي ۽ قومي ميثاق جو درجو رکي ٿو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت ملڪ کي رڳو اقتصادي طور تي ڪمزور ناهي ڪيو پر نفرت ۽ انتقام جي سياست جي ذريعي قومي وحدت کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button