اسلام آبادپاڪستان

اسان کي صرف کيڏڻو آھي، آمريڪا جو نالو ناھي وٺڻو: آمريڪي سائفر بابت عمران خان جي آڊيو ليڪ

اسلام آباد: آمريڪي سائفر بابت اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي آڊيو سامهون اچي وئي آهي. آمريڪي سائفر بابت پي ٽي آءِ سربراھه عمران خان ۽ اعظم خان جي آڊيو ليڪ سامھون اچي وئي آھي، جنھن ۾ عمران خان کي چوندي ٻڌي سگھجي ٿو تھ ھاڻ صرف اسان کي کيڏڻو آھي، آمريڪا جو نالو ناھي وٺڻو، جنھن تي اعظم خان جواب ڏنو تھ مان اھو سوچي رھيو ھيس تھ ان سائفر معاملي تي هڪ اجلاس سڏائي وٺون ٿا. اعظم خان چوي ٿو تھ اوھان کي ياد آھي تھ آخر ۾ ايمبيسڊر لکيو ھو تھ ڊيمارچ ڪريو، جيڪڏھن ڊيمارچ ناھي بھ ڏيڻو تھ مون سوچيو آھي ان کي ڪور ڪيئن ڪرڻو آھي؟ ھڪ ميٽنگ ڪريو شاھه محمود قريشي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري شامل هجي، ميٽنگ ۾ شاھه محمود ليٽر پڙھي ٻڌائيندو جنهن کي مان ڪاپي ڪندس ته آرام سان آن رڪارڊ ٿي ويندو ته اهو ٿيو هو، فارين سيڪريٽري اھا شي ٺاھي ڇڏي آھي. آڊيو ليڪ ۾ اعظم خان چئي رهيو آهي ته سفارتي ٻولي ۾ ان کي ڌمڪي چيو ويندو آهي، ڏسو منٽس ته پنهنجي هٿ ۾ آهن، پنهنجي مرضي سان منٽس ڊرافٽ ڪري وٺنداسين، عمران خان پڇاڻو ڪيو ته پوءِ ان معاملي تي ڪنهن کي سڏايون؟ جنهن تي اعظم خان چوي ٿو ته شاهه محمود قريشي، مان ۽ سهيل هونداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين جواب ۾ چوي ٿو ته ٺيڪ آهي، سڀاڻي ئي ڪري وٺون ٿا.

آڊيو ليڪ ۾ اڳتي اعظم خان وڌيڪ چوي ٿو ته جيئن شيون رڪارڊ تي اچي وڃن، اوهان اهو ڏسو ته هو قونصليٽ فار اسٽيٽ آهي، اهو پڙهي ٻڌائيندو مان ڪاپي ڪري وٺندس، سولائي سان آن رڪارڊ اچي ويندو ته اها شيءَ ٿي آهي. آڊيو ۾ مبينا طور اعظم خان عمران خان کي وڌيڪ چئي رهيو آهي ته اوهان پرڏيهي سيڪريٽري کي سڏايو ته جيئن بيورو ڪريٽڪ رڪارڊ تي هليو وڃي. جنهن بعد عمران خان چيو ته نه ان سفير ئي ته لکيو آهي. جنهن تي اعظم خان کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته اسان وٽ ته ڪاپي نه آهي نه. آڊيو ليڪ ۾ عمران خان چوي ٿو ته ان ميٽنگ ۾ شاهه محمود، توهان (اعظم خان) ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود موجود هوندا. ڪيئن به ڪري انهي کي پرڏيهي سازش بڻائڻو آهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سان مبينا آمريڪي سائفر بابت آڊيو ليڪ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آڊيو ليڪ ڪري هيڪرز سٺو ڪيو مان ته چوان ٿو ته سڄو سائفر ئي ليڪ ٿي وڃي ته جيئن سڀني کي پتو پوي ته اها ڪيڏي وڏي پرڏيهي سازش آهي.

عمران خان سائفر بابت آڊيو ليڪ ڪرڻ جو الزام وزير اعظم تي لڳائيندي چيو ته شهباز شريف آڊيو ليڪ ڪري ڏاڍو سٺو ڪيو، مان ته چوان ٿو ته سڄو سائفر ئي ليڪ ٿي وڃي ته جيئن سڀ ڪجهه وائکو ٿئي. صحافي عمران خان کان سوال پڇيو ته آڊيو ليڪ ۾ توهان مبينه طور تي چئي رهيا آهيو ته اسان کي رڳو کيڏڻو آهي، توهان ان جو دفاع ڪيئن ڪندا؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مان اڃا کيڏيو ناهيان، هاڻي اهي هن کي ايڪسپوز ڪندا ته مان کيڏندس. هڪ ٻئي صحافي سوال ڪيو ته خان صاحب، ڳالهيون ٿينديون يا ڌرڻو ڏيندو، جنهن تي عمران خان چيو ته توهان کي هاڻي انتظار ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته شهباز شريف جي آفيس مان معلوم ٿيو آهي ته اعظم خان ۽ عمران خان جي آڊيو ٽيپ اچي وئي آهي، اهو آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي خلاف آهي، سوچي رهيو آهيان ته ان لاءِ شهباز شريف کي عدالت ۾ وٺي هلان يا 16 ارب جو ڪيس کڻي وڃون، جنهن ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا آهن، مقصود چپڙاسي مري ويو آهي، جڏهن ته 3 شاهد به مارجي ويا آهن. عمران خان چيو ته سٺو ٿيو ته توهان سائفر کڻي آيا آهيو، هاڻي سائفر کي عوام آڏو آڻيو ۽ قوم جي سامهون آڻيو ته هڪ آمريڪي انڊر سيڪريٽري ڊونلڊ لو ڪهڙي ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙي وڏائي سان پاڪستاني سفارتڪار سان ڳالهائي رهيو آهي ته پنهنجي وزيراعظم کي عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ نه هٽايو ته ان جا نتيجا پاڪستان کي ڀوڳڻا پوندا ۽ جيڪڏهن هٽايو ته معافي ملي ويندي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته سائيفر کي عوام ۾ آندو وڃي، ڊونلڊ لوءَ سفارتڪار اسد مجيد سان جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي سڄي قوم کي معلوم ٿيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button