اسلام آباد :نيب ترميمن جي خلاف پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ مقرر ڪئي وئي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ 4 آڪٽوبر تي شنوائي ڪندي. جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منظور علي شاهه ٽي رڪني بئنچ جو حصو هوندا. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close