ڪراچي: پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يوسف مستي خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان ۾ سندس سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوسف مستي خان مرحوم پاڪستان ۾ انتهاپسندي ۽ هر آمر جي خلاف آواز اٿاريو. هن هميشه ترقي پسند سوچ کي هٿي ڏيڻ ۽ طبقاتي جدوجهد جي پهرين صف ۾ شامل رهيو. دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close