تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف جون وڏيون مهربانيون، جنهن منهنجي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه واري آڊيو ليڪ ڪري ڇڏي ۽ توهان اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته سائيفر هڪ حقيقت آهي، مون کي نقصان پهچائڻ جي چڪر ۾ هنن پنهنجو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. مظفرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته وزيراعظم پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري کي چوي ٿو ته قوم مان ٽيڪس جا پئسا اوڳاڙڻ لا ٻيو طريقو ڪڍنداسين، شهباز شريف آمريڪا جي مهانگين هوٽلن ۾ ترسيو، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو ٻوڏ جي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن، ماڻهن جي گهرن ۾ کاڌ خوراڪ ختم ٿي ويو، ڪپهه جو فصل تباهه ٿي ويو، ماڻهن رستن تي نڪتل آهن پر بلاول آمريڪا وڃي الائي ڪهڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيو آهي، شهباز شريف ٻاهر وڃي چوي ٿو ته آئون پنڻ نه آيو آهيان پر مجبوري آهي. اڳوڻي وزيراعظم الزام هنيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر فراڊي آهي، جنهن کي قوم معاف نه ڪندي، هن کي پنهنجي عهدي تان فوري طور تي استعيفا ڏيڻ گهرجي، اسان چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين، هينئر پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان اهم ۽ فيصلائتو وقت آهي، جنهن لا تياريون مڪمل ڪري رهيو آهيان، جلد قوم کي سڏ ڏيندس، جڏهن به چوندس ته عوام کي حقيقي آزادي لا نڪرڻو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close