ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز جي بري ٿيڻ بعد نواز شريف لا به وطن واپسي جي راهه هموار ٿي وئي آهي، سندس عبوري ضمانت لا جلد درخواست داخل ڪئي ويندي. ايڪسپريس نيوز موجب جيڪو ڪيس مريم نواز تي هو اهو ئي ايون فيلڊ ريفرنس نواز شريف خلاف به داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ نواز شريف کي چيو ويو هو ته هو پهريان عدالت ۾ پيش ٿئي ۽ پوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويندو، جڏهن ته مريم نواز مسلسل عدالت ۾ پيش ٿيندي رهي ۽ کيس اپيل داخل ڪرڻ تي بري ڪيو ويو، ساڳيو ئي ڪيس نواز شريف تي به آهي ۽ هو پيش ٿيڻ تي بري ٿي ويندو. ذريعن موجب نواز شريف لا وطن واپسي جي راهه هموار ٿي وئي آهي، هو جلد عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪندو، جنهن بعد وطن واپس اچي عدالت کي منهن ڏيندو ۽ اهڙي ئي نموني اپيل داخل ڪندو جيئن مريم نواز داخل ڪئي هئي. ذريعن موجب نوازشريف جي اڃا تائين ضمانت طبي بنيادن تي آهي ۽ هو ان بنياد تي پرڏيهه ۾ موجود آهي، مريم نواز جي اپيل تي شنوائين دوران ججن جنهن نموني ريمارڪس ڏنا آهن ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايون فيلڊ ڪيس ۾ ڪا به سگهه ناهي رهي، ججن ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته جيڪڏهن مريم نواز بينيفشري آهي ته اهو ڪٿان به ثابت نٿو ٿئي، اهڙي طرح ڪالهه وري ججن اهو به چيو ته ڪيس ۾ ڪٿي به ثابت ناهي ٿيو ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽ نواز شريف جي ملڪيت آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close