پاڪستانسنڌ

عمران خان پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو دشمن آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پاڪستان ۽ پاڪستانين جو دشمن آهي ۽ پاڪستان دشمن طاقتن جي اشارن تي عمل پيرا آهي. شرجيل انعام ميمڻ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان سعودي عرب ۾ 10 پاڪستاني خاندانن جي ڪفيل کي سزائون ڏياري چڪو آهي. هي شخص شاتر دماغ ۽ وڏو چال باز آهي. اقتدار جي حوس ۾ هر حد تائين وڃي سگهي ٿو. عمران خان نه صرف رياستي ادارن پر پاڪستان جي 23 ڪروڙ عوام کي پنهنجي مفادن لاءِ نشاني تي رکيو آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪوڙ تي ڪوڙ گهڙي معصوم پاڪستانين کي گمراهه ڪرڻ عمران نيازي جي کاٻي هٿ جي راند آهي. عمران خان جو آمريڪي سازشي بيانيو بري طريقي سان پٽجي چڪو آهي، پر هن شخص کي ان تي ڪائي ندامت ناهي. چوي ٿو ته سائيفر معاملي تي ھو اڃا کيڏيو ئي ناهي.

هن چيو ته عمران خان جي اعظم خان سان ڳالهه ٻولهه ان جي ڪردار جي خلاف ايف آئي آر آهي. هو ڪڏهن آمريڪا خلاف ڳالهائي ٿو ته ڪڏهن ان جي سامهون منٿون ڪندو رھي ٿو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پنهنجي عورتن سان ملي ڪري ڪرپشن جا رڪارڊ ٺاهيا. عليمه خان ٻاهرين ملڪ ملڪتيون ڪيئن ٺاهيون؟ عمران خان رات پھر ۾ فرح گوگي کي ملڪ مان ڇو فرار ڪرايو؟ هن چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ بلوم برگ جهڙا ڪيترائي عالمي ادارا عمران خان جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪري چڪا آهن. عمران خان جي مهم جوئي اصل ۾ پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ آهي. ادارن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ته جيئن ان جي خلاف ڪير به ڪارروائي نه ڪري سگهي.

شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عوام جون اکيون ھاڻي کلي ويون آهن، هاڻي هو نوجوانن کي وڌيڪ گمراهه نٿو ڪري سگهي. آئي ايم ايف کان قرض روڪرائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيڻ تي خان صاحب پنھنجي ساٿين کان ناراض آهي، عمران خان هاڻي رياست مدينه ۽ نئين پاڪستان جا لفظ چوڻ به بند ڪري ڇڏيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي جيترو کيڏڻو هو اهو کيڏي چڪو. هاڻي قومي سلامتي جي ادارن ۽ رياستي ادارن کي هن شخص جي خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button