پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت ۽ ڊبليو ايڇ او طرفان گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڊبليو ايڇ او جي وفد ملاقات ڪئي. جنهن جي اڳواڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هيلٿ ايمرجنسي پروگرام (ڊبليو ايڇ اي) ڊاڪٽر مائيڪل ريان ڪئي. ملاقات ۾ ٻوڏ جي مجموعي صورتحال، گهربل شين ۽ عوامي صحت جي خطرن کي روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان بچي سگهجي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي هيڊ آف مشن ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا، ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر ڊاڪٽر مائڪل ريان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رچرڊ برنڊن، سينيئر ايمرجنسي آفيسر رابرٽ هولڊن، انسيڊنٽ مئنيجر ڊاڪٽر مائيڪل لڪويا، ڪميونيڪيشن آفيسر منيرالمهدي، ڊبليو ايڇ او جي سب آفيس سنڌ جي ڊاڪٽر سارا سلمان، ٽيم ليڊر پوليو پروگرام ڊاڪٽر آصف علي زرداري شرڪت ڪئي. جڏهن ته وڏي وزير جي ٽيم ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ شامل هئا.

ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مائيڪل ريان وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڊبليو ايڇ او مشن ٻوڏ واري علائقن جو فضائي جائزو ڪيو ۽ صوبي جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعن جو زميني دورو ڪري ضرورتن جو جائزو ورتو. وڏي وزير چيو ته صوبي جي ڪل آبادي واري علائقي جو 18 ڏهائي 8 سيڪڙو يعني 12541 ڏهائي 6 چورس ڪلوميٽر علائقو غيرمعمولي برساتن ۽ طوفان سبب ٻڏي ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڏهائي 2 ملين ماڻهو بي گهر ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته سڄي صوبي ۾ قائم ڪيل 2782 رليف ڪيمپن ۾ لڳ ڀڳ 400000 ماڻهن کي رهايو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته موبائيل ڪيمپس سميت 410 ميڊيڪل ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 600 ڊاڪٽر، 1125 پيراميڊيڪل ۽ 350 رضاڪار شامل آهن. وڏي وزير ۽ ڊبليو ايڇ او مشن صحت ۽ غذائيت جي بحران جي تباهي جي پيماني ۽ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻوڏ متاثرن جي صحت جي حفاظت، پناهه گاهه، کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ هر ضرورتمند ماڻهو تائين امداد پهچائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صرف سيپٽمبر مهيني ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ دستن جا 96658 ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن جو علاج ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٻارن ۾ دستن جا 16701 ۽ ڪالرا جي 8 ڪيسن جو علاج ڪيو ويو آهي. مليريا بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته صوبائي صحت کاتي 28 سيپٽمبر تي 20623 مريضن جي اسڪريننگ ڪئي، جنهن مان مليريا جا 2942 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ 1960، لاڙڪاڻي ۾ 1375، ميرپورخاص ۾ 989، سکر ۾ 354، شهيد بينظير آباد ۾ 148، ڪراچي ۾ 116 ڪيس شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته 3869 مريضن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، جن مان 6603 کي ڊينگي جي تصديق ٿي. ان تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا ٻڌايو ته 2022ع ۾ ڊينگي جا 9172 ڪيس سامهون آيا آهن. گڏجاڻي ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو زچگي بابت ڳالهائيندي چيو ته 9829 ڳورهاري عورتون ڪئمپن ۾ رهي رهيون آهن جن مان 9010 کي غذائي سپليمينٽ ڏنيون ويون آهن، 7897 عورتن کي ٽيٽانس ٽوڪسائيڊ (ٽي ٽي) ڏنيون ويون آهن ۽ ٽيٽينس ڊفٿيريا ڏنيون ويون آهن. ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر مائيڪل ريان چيو ته پاڻي ۽ ويڪٽر مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي پکڙجڻ سبب فوتين جو خطرو وڌيو. وفد پاران غذائي کوٽ ۽ ڳورهاري عورتن جي مسئلن بابت تڪڙا قدم کڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊبليو ايڇ او پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، خطرناڪ بيمارين جي نگراني ۽ ريسپانس سسٽم، صحت جي خدمتن کي مضبوط ڪرڻ، دوائن ۽ سامان جي فراهمي، غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ صحت جي خدمتن تائين پهچ لاءِ هم آهنگي قائم ڪرڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪيو. ڊبليو ايڇ او سنڌ ۾ چار ايمرجنسي آپريشن سينٽر قائم ڪيا آهن ته جيئن ٻوڏ جي ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي. ڊبليو ايڇ او پاران 50 نيوٽريشن اسٽيبلائزيشن سينٽرن جي قيام، صحت جي ضرورتن لاءِ خدمت جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن ذريعي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ سنڌ حڪومت سان سهڪار آهي. ڊبليو ايڇ او پاران دادو ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ صحت جي سهولتن لاءِ ايوا ٽيبلٽس جي فراهمي ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽن لاءِ 12 ٻيڙيون ۽ 27 گاڏيون ڏنيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button