پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ عورتن جو نوجوان جي اغوا خلاف مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪُٽ ۾ بيوه نابين عورت پانچو، پريمان، نصيبان ۽ راڌا سانوڻ ڀيل معصوم ٻارن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڳوٺ بيجڙھيار ۾ صبح جو ٻني ۾ ٺهيل گهرن ۾ ويٺا هئاسين ته کوکراپار پوليس اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ پريم، ڀورو ۽ راگھو کي گرفتار ڪيو. پوليس جي موجودگي ۾ 3 جيپون آيون، جنھن ۾ آچار ھاليپوٽو، قاسم، ڪالي خان ھاليپوٽو، جمن ھاليپوٽو، عنايت ھاليپوٽو، محمد رحيم ھاليپوٽو، حنيف ھاليپوٽو، منگل ولد ساڏورو، ساجن ولد ساڏورو ۽ ٻين گھر ۾ داخل ٿي تشدد ڪيو. جوابدارن معصوم چندن، ھريو، ٽيلراج، پانچو، راڌا، نصيبان، پريمان، معصوم مونت ٻائي، پڏمان، ڪرپال، ڪشور ۽ ڪرمچند کي گاڏين ۾ زوري ويهاريو ۽ شام جو ڳوٺ لالاٻاهھ ڀرسان ڌڪا ڏئي لاھي ٽيلراج ولد ويرسي کي اغوا ڪري کڻي فرار ٿي ويا. هنن چيو ته کوکراپار پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لا تيار ناهي، ايس ايڇ او جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري پيو. هنن گهر ڪئي ته ٽيلراج کي بازياب ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button