نوابشاهه: نوابشاهه ۾ تعلقي دوڙ جي يوسي اسماعيل خان بروھي جي مختلف ڳوٺن محمد ادريس بروھي، گل حسن بروھي، محمد خان بروھي، محمد بچل بروھي ۽ دودو خان ڀنگوار جي رھواسين امداد نه ڏيڻ خلاف عباس چانڊيو، عبدالسلام بروھي، چاڪر خان بروھي، خير محمد بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته برسات کي بند ٿئي مھينو ٿي ويو آھي، پر ضلعي انتظاميا اسان جي يوسي اسماعيل خان بروھي جي ڳوٺن مان ھن وقت تائين برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب عذاب هيٺ آهيون، جڏهن ته انتظاميا به اسان جي سار نه لڌي آهي، اسان کي راشن ۽ مڇردانيون به نه مليون آهن. هنن اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close