پاڪستانسنڌ

ڪنب ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي

ڪنب: ڪنب ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي رپورٽ موجب ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ بکو خان لاشاري ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ صبح جو 3 وڳي ڌاري جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران گوليون لڳڻ ڪري بشير سومرو ۽ اعجاز رند قتل ٿي ويا. جڏهن ته لياقت سومرو ۽ لطيف ڏنو اڄڻ زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي ڪنب پوليس پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو. ٻي پاسي ٻن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو ۽ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي. هوڏانهن پوليس پوسٽ مارٽم بعد بشير سومرو جو لاش سندس ڀا غلام شبير سومرو ۽ اعجاز رند جو لاش سندس ڀا بابو رند جي حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف مقتول بشير سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن ڪنب ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو. مقتول جي ڀا غلام شبير سومرو چيو ته سرفراز ڀٽي ڌر منهنجي ڀا کي قتل ڪيو آهي، پر پوليس بااثر هئڻ ڪري جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي. جڏهن ته ڪنب ٿاڻي تي مقتول بشير سومرو جي قتل جو ڪيس 15 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button