پاڪستان

نوازشريف جي استقبال جون تياريون شروع، تقرير تان پابندي هٽائڻ لا عدالت وڃڻ جو فيصلو

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي امڪاني ڏيهه واپسي تي سندس ڀرپور استقبال لا پنجاب ۾ پارٽي طرفان تياريون شروع ٿي ويون آهن. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجي وڪيلن ۽ پاڪستان ۾ موجود قانوني ٽيم سان صلاح مشورو وڌائي ڇڏيو آهي، وڪيل اسحاق ڊار جي ڪيس جيان نواز شريف جو مضبوط ڪيس تيار ڪندا، جڏهن ته نواز شريف جي تقريرن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي لڳل پابندي هٽائڻ لا به عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف عدالتي حڪم جي روشني ۾ وطن واپسي جو فيصلو ڪندو، ان سلسلي نواز ليگ طرفان پنجاب ۾ پنهنجي پارٽي سربراهه جي بيمثال استقبال جون هدايتون ڪيون ويون آهن، نواز شريف جي اچڻ کان اڳ مريم نواز جي لنڊن روانگي جا امڪان آهن، هو لاهور هائيڪورٽ مان پاسپورٽ ملڻ جي صورت ۾ لنڊن ويندي ۽ پو مريم نواز توڙي ٻيا پارٽي اڳواڻ برطانيا مان نواز شريف سان گڏجي پاڪستان واپس ايندا. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف ڏيهه واپس اچڻ بعد ماڊل ٽائون ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ کي پنهنجي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻائيندو ۽ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جي معاملن جي نگراني به ڪندو. ذريعن موجب نواز شريف جي واپسي اسلام آباد ۾ ٿيندي يا لاهور، ان بابت هو پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشوري بعد حتمي فيصلو ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button