پاڪستان

سرحد پار افغانستان مان دهشتگردن جو حملو، پاڪ فوج جو جوان شهيد

افغانستان مان دهشتگردن جي ڪيل حملي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو، جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي به ڳرو جاني نقصان پهچايو ويو. آ ايس پي آر مطابق افغانستان مان دهشتگردن خيبر پختونخوا جي ڪرم ضلعي جي علائقي خرلاچي ۾ پاڪ فوج تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب 27 ورهين جو سپاهي جمشيد اقبال شهيد ٿي ويو، شهيد جو تعلق چنيوٽ سان آهي. آ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي جوانن به ڀرپور جوابي ڪارروائي ۽ دهشتگردن کي ڳرو جاني نقصان پهچايو، پاڪستان مخالف سرگرمين لا افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسان کي اميد آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت مستقبل ۾ اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button