پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهار ۾ ڪارروائي، بسپ انچارج کان ڦريل 7 لک هٿ

ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالهيار پوليس ڊوائيس مالڪ کان ڦر ٿيل 6 لک 90 هزار رپيا هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي آئي اي ٽنڊوالهيار جي ڊي ايس پي اسلم لانگاھه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ايس ايس پي ٽنڊوالھيار فاروق احمد بجاراڻي جي سخت ھدايتن بعد 24 ڪلاڪن اندر ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن علي نواز بروهي ۽ مختيار جمالي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم هٿ ڪئي. هن سي آئي اي انچارج افضل مگسي، ڊي ايس پي جھنڊو مري محبوب لنڊ ۽ ايس ايڇ او پيارو لنڊ عبدالجبار رند سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن چئن ڦورن بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا کڻي ويندڙ ڊوائيس هولڊر بلاول ڀيل کان 7 لک ڦر ڪيا هئا، جنهن بعد پوليس مختلف جاين تي ناڪابندي ڪئي. بچل ناگور موري وٽ 2 ڦورن کي گرفتار ڪري 2 پسٽل ۽ 7 لک رقم هٿ ڪئي، ڦورن کي پيارولنڊ ٿاڻي تي منتقل ڪيو آهي، جن کان ساٿين بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي، فرار ٿيلن مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ ٿي آهي، کين جلد گرفتار ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button