پاڪستانسنڌ

ڪلوئي جون 9 يوسيز ٻوڏ سٽيل قرار هجڻ باوجود متاثر راشن لا دربدر

ڪلوئي: ڪلوئي جي 9 يوسيز کي سنڌ سرڪار برساتن سبب ٻوڏ سٽيل قرار ڏيندي امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد ڊي سي ٿرپارڪر پاران ڪلوئي مختيارڪار آفيس ۾ تعلقي جي متاثر 9 يوسيز جو سينٽر قائم ڪري رليف وارو ڪم شروع ڪيو هو، جيڪو مقامي روينيو انتظاميا جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو آهي، انتظامي نااهلي سبب مختلف ضلعن کان آيل هزارين ٻوڏ متاثر دربدر آهن، جن کي اڃا تائين راشن، خيما، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ناهي مليو. ان سلسلي ۾ رهواسين عزيز هالو، راضي خان، ڪريم بخش کوسو ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اسان جا علائقا ٻڏا پيا آهن ۽ اسان جا گهر پٽ پئجي ويا آهن، اسان صبح کان وٺي شام تائين مختيارڪار آفيس اڳيان دربدر آهيون، پر راشن سميت ڪجهه نٿو ڏنو وڃي. هنن سيشن جج ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته رليف واري سينٽر تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ ڪئي وڃي ۽ اسان کي راشن، مڇردانيون، خيما ۽ ٻيو سامان ڏياريو وڃي. ٻئي پاسي ڊي سي ٿرپارڪر ڊاڪٽر عبدالحفيظ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button