پاڪستانسنڌ

ڪجهه ضلعن جون زمينون ربيع جي فصل لاءِ تيار آهن: منظور وساڻ

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آھي ته سنڌ جي تقريبن 50 سيڪڙو زرعي علائقي مان ٻوڏ جو پاڻي جي نيڪال ڪرايو ويو آھي، ھن وقت ڪجهه ضلعن جون زمينون ربيع جي فصل جي پوک لاءِ تيار آهن، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک 15 آڪٽوبر کان 15 ڊسمبر تائين ٿيندي آھي. زراعت بابت صوبائي صلاحڪار جو وڌيڪ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چوڻ ھو ته صوبي ۾ ضلعي انتظاميا پاران زرعي زمينن مان پاڻي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، جيڪڏهن پاڻي جو نيڪال ٿي ويو ته ربيع دوران 70 کان 75 سيڪڙو پوک جو امڪان آهي، ربيع جي فصل لاءِ سکر، نارا، گهوٽڪي ۽ ڏھرڪي ۾ زمينون تيار آهن، عمرڪوٽ، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ ربيع جي فصل لاءِ زمين تيار آهي.

منظور وساڻ چيو ته بدين، قمبر، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ چاليھه چاليھه سيڪڙو زمين ربيع فصل جي پوک لاءِ موجود آهي، جڏھن ته لاڙڪاڻي ۾ 70 سيڪڙو، ٺٽي ۽ ڪشمور ۾ پنجاھه پنجاھه سيڪڙو زمين ربيع جي فصل لاءِ موجود آهي. ھن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ پاڻي گھڻو بيٺل آهي، نوابشاهه جي ڪجهه علائقن ۾ به پاڻي بيٺل آهي، جنهن جي نيڪال جو ڪم هلندڙ آهي ۽ سيوهڻ ۽ دادو ۾ به پاڻي بيٺل آهي، جيڪو پڻ نيڪال ڪيو پيو وڃي. منظور وساڻ چيو ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ زرعي زمينون پاڻي ھيٺ ھجڻ سبب ڪمند جو فصل اڃا تائين پوکجي نه سگهيو آهي، آڪٽوبر کان پوکجندڙ فصل ڀاڄيون، دال، سرنھن ۽ ربيع جي اهم فصلن کان به محروم رھنداسين، زراعت کاتو هارين کي ربيع جي پوک پوکڻ لا مشورا ڏئي پڻ رھيو آھي، مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏن پڻ زرعي صنعت کي وڏو نقصان پهچايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button