پاڪستانسنڌ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ 6 آڪٽوبر تي مظاهرن جو اعلان

ڄامشورو: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو سربراھي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھه جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ صدر اياز لطيف پليجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھه، سنڌ ترقي پسند پارٽي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاھه، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي صدر نواز خان زئور، روشن علي ٻرڙو، جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل، پورھيت مزاحمت تحريڪ اڳواڻ نثار لغاري، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ غفار ميرجت، شوڪت سريوال، قادر چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ اندر ھٿرادو ٻوڏ ذريعي ٿيل تباھي جو ذميوار پيپلزپارٽي سرڪار کي قرار ڏنو ويو ۽ ان ڳالھه تي اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ ۾ سنڌ جي متاثر عوام کي ريسڪيو نه ڪري سگھي آھي، نه رليف ڏيئي سگھي آھي ۽ نه وري ريھيبليٽيشن ۾ ھو سنجيدہ حڪمتِ عملي يا رٿابندي جو ارادو رکي ٿي. ان ڪري پيپلزپارٽي حڪومت ڪرڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪي آھي، انھن کي فوري طور تي استعيفى ڏيڻ گھرجي.

اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ 2 ڪروڙ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، لکين ماڻھو ھاڻي به روڊن تي کليل آسمان ھيٺ ويٺا آھن، جن کي ٻه ويلا ماني به نه ٿي ملي. مليريا، ڊينگي، گيسٽرو ۽ ٻين وبائي بيمارين ۾ سوين ٻار ۽ بزرگ فوت ٿي چڪا آھن پر سنڌ جي ڪافي اسپتالن ۾ ھن وقت تائين مليريا جي ٽيسٽ جو ڪو بندوبست نه ڪيو ويو آھي. 15 سالن ۾ سنڌ جو آبپاشي کاتو نه ڪنھن ڪينالن يا واھن جي کاٽي ڪرائي ۽ نه ئي وري بندن جي مرمت جو ڪم ڪرائي سگھيو آھي. اربين روپيا ڪرپشن جي ذريعي آصف علي زرداري ۽ ڪرپٽ ڪامورا ۽ پيپلزپارٽي جا وزير ھڙپ ڪندا رھيا. دنيا جي اندر ڪٿي ڪو ھوائي جھاز يا ٽرين جو حادثو ٿيندو آھي ته اتي جا وزير اخلاقي طور استيعفى ڏيئي گھر ھليا ويندا آھن پر سنڌ اندر وڏي وزير کان وٺي آبپاشي جو وزير ۽ اطلاعات کاتي جو وزير ٻوڏ ۽ برسات کي قدرتي آفت قرار ڏيئي، پنھنجي ذميواري کان پاڻ کي آجو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ اندر ھن سڄي ھٿرادو ٻوڏ، بندن کي ڪٽَن ڏيڻ جي سپريم ڪورٽ کي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ملوث ماڻھن کي عبرتناڪ سزائون ڏيڻ گهرجن. اجلاس ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، انھن کي گھر ٺھرائي ڏيڻ ۽ انھن کي معاشي طور پنھنجن پيرن تي بيھارڻ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان سڄي سنڌ ۾ 6 آڪٽوبر 2022ع تي ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن اڳيان ڀرپور احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا ۽ 16 آڪٽوبر 2022ع تي سنڌ حڪومت خلاف ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪراچي ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button