پاڪستان

تحريڪ انصاف رياست مخالف ڪم ۽ غداري ڪئي آهي:يوسف رضا گيلاني

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو موقف سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي، عمران خان جي پارٽي رياست مخالف ڪم ڪيو ۽ غداري ڪئي آهي، جنهن جي وزيراعظم شهباز شريف کي جاچ ڪرائڻ گهرجي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته تحريڪ انصاف وٽ سڄو پئسو پرڏيهي فنڊنگ وارو هو، مون پنهنجو سمورو ٽيڪس جمع ڪرائي اثاثا پڻ ڊڪليئر ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب ايترو وڏو آهي جو الڳ صوبو ٺاهڻ کانسوا مسئلا حل نه ٿيندا، هتي صرف هڪ صوبو ٺهي سگهي ٿو، جيڪڏهن 2 صوبا ٺاهيا ويا ته 50 سينيٽر به ٺاهڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button