پاڪستانسنڌ

روهڙي ۾ مبينا اغوا ٿيل عورت ۽ ٻارڙي جي بازيابي لا مظاهرو

روهڙي: برساتن دوران سکر مان لڏي اچي روھڙي جي نيويارڊ ڪالوني ۾ پناهه ورتل نصير احمد چاچڙ، مصري چاچڙ ۽ ٻين عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته جوابدار پيرل چاچڙ سان نياڻي جو رشتو ٿيل ھو ۽ ھو اسان جي گھر ايندو ويندو هو، رشتو ڪجھه سال نه ڏيڻ تان ھو 15 ڏينهن اڳ ھٿيارن جي زور تي پنهنجي ٿيڻ واري سس شبيران زال نصير چاچڙ ۽ سندس معصوم پٽ سجاد علي کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي، اھڙي واقعي جي روھڙي پوليس اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي، پر جوابدارن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي. مظاهرين ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري عورت ۽ معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button