ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو ڀرسان جوابدار توهين مذهب الزام ۾ معذور نوجوان کي پيٽرول هارڻ بعد پاڻي جي کڏ ۾ غوطا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ڀرسان ڳوٺ محمد صديق ڪلوڙ ۾ جوابدار محمد حسن ڪلوڙ توهين مذهب جي الزام ۾ ٻن هٿن کان معذور نوجوان عباس ڪلوڙ تي پيٽرول هاريو، جنهن بعد معذور نوجوان پاڻ بچائڻ لا پاڻي ۾ ٽپو ڏنو، جنهن کان پو جوابدار پاڻي جي کڏ ۾ گهڙي ۾ نوجوان کي غوطا ڏئي بيدردري سان قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي پاسي مقتول نوجوان کي سوين آلين اکين سان درگاهه لال شاهه ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن سکر جي مدرسي جي کٿابي جوابدار خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس جي فريادي سرفراز علي ڪلوڙ موقف اختيار ڪيو ته هڪ هفتو اڳ منهنجي مقتول ڀا عباس ڪلوڙ مون کي ٻڌايو ته جوابدار محمد حسن ڪلوڙ درگاهه لال شاهه تي آيو ۽ چيو ته تون قبرن تي سجدا ڪرين ٿو، مهرباني ڪري درگاهه ڇڏي ڏي نه ته توکي ماري ڇڏيندس. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صبح جو درگاهه وٽ بيٺل هئاسين ته جوابدار محمد حسن پنهنجي ساٿي سان گڏ آيو، ان وقت محمد حسن ڪلوڙ جي هٿ ۾ پيٽرول جي بوتل هئي ۽ هن عباس کي چيو ته توکي چيو هو ته درگاهه جي مجاوري ڇڏي ڏي، پر تون نه مڃيو، ان لا هاڻي توکي نه ڇڏيندس، جنهن کان پو جوابدار منهنجي ڀا تي پيٽرول هاريو ۽ گڏ آيل اڻڄاتل شخص ماچس ڪڍي ته ڀا خوف ۾ ڀڳو، جنهن بعد جوابدارن ان جو پيڇو ڪيو ته ڀا پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيو، جنهن بعد جوابدار اسان جي سامهون غوطا ڏئي ڀا کي قتل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ڪيس داخل ڪيو آهي، جوابدار مقتول تي توهين مذهب جو الزام مڙهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته معذور نوجوان کي غوطا ڏيڻ جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close