اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ شهباز گل کي طلب ڪري ورتو آهي. شهباز گل ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا کي جج مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شنوائي ۾ شهباز گل عدالت مان غير حاضر رهيو ۽ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو. سيشن ڪورٽ اسلام آباد هن ڪيس ۾ شهباز گل کي طلب ڪيو ۽ کيس 6 آڪٽوبر تي عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.پوليس شهباز گل خلاف چالان سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن تي ٽرائل لاءِ شهباز گل جي طلبي جو سمن جاري ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close