اسلام آباد :ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف تي 10 ارب رپين جي هرجاڻي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي وقت گهرڻ تي ٻيهر ڏنڊ لاڳو ٿي ويو. خواجا آصف خلاف 10 ارب رپين جي هرجاڻي ڪيس جي شنوائي ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد عدنان خان جي عدالت ۾ ٿي. عمران خان جي وڪيل وقت گهرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته مرڪزي وڪيل ٻاهرئين ملڪ آهي ۽ عمران خان ميٽنگ ۾ شرڪت سبب پيش نٿو ٿي سگهي. عمران خان جي وڪيل جي شنوائي ملتوي ڪرڻ جي اپيل 5 هزار رپيا ڏنڊ سان منظور ڪئي وئي. واضح رهي ته 10 سيپٽمبر تي به عمران خان جي وقت گهرڻ جي درخواست تي 5 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو. عمران خان ۽ خواجا آصف جي وڪيلن جي مشاورت سان ايندڙ شنوائي جي تاريخ 22 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close