پاڪستان

حڪومت جو عمران خان خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي جو فيصلو

وفاقي حڪومت سائفر آڊيو ليڪس واري معاملي تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ ٻين ملوث ڪردارن خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو، ن ليگي اڳواڻن لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرس ۾ چيو آهي ته آڊيو ليڪس منظرعام تي اچڻ بعد عمران خان جو پول پڌرو ٿي ويو آهي، سائفر هٿ ڪرڻ لا بني گالا تي ڇاپو هڻڻ گهرجي. وفاقي وزيرن اسحاق ڊار ۽ احسن اقبال نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، ان دوران اسحاق ڊار صحافين کي عمران خان جي آڊيو ليڪ ٻڌرائي ڇڏي. هن چيو ته عمران خان سائفر ذريعي سازش جو سهارو وٺي پنهنجي ڪهاڻي گهڙي ورتي، هيل تائين جيڪي آڊيو ليڪ ٿيون آهن، انهن سان سازش وائکي ٿي وئي آهي، وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ سان سيڪيورٽي جي اهم ڀڃڪڙي ٿي آهي، خاص طور تي سائفر ليڪ جي ڪري عمران خان جو پول پڌرو ٿيو آهي ته هن انهي معاملي جي رٿابندي ڪئي ۽ ملڪ سان کيڏيو آهي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار عمران خان آهي، منٽس موجود آهن پر سائفر نٿو ملي، اهي دستاويز وزيراعظم هائوس جي ملڪيت آهن، وفاقي ڪابينا غور ويچار ڪري سڀني پاسن جو جائزو ورتو آهي، هن سازش ۽ ڏوهه جي معافي ناهي، جيڪڏهن اسان ان کي منطقي انجام تائين نه کڻي وياسين ته اها آئين سان غداري هوندي، ثبوت اسان جي سامهون آهن، ڇا اڃا به اسان سياسي مصلحت تحت ان کي هٿ نه لڳايون، ائين نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن مناسب ڪارروائي نه ڪئي وئي ته اسان پنهنجي کنيل حلف نامي، قومي ۽ آئيني ذميواري ۾ ناڪام ٿي وينداسين، عمران خان جو ايجنڊا پاڪستان کي ختم ڪرڻ آهي، معاشي طور تي هو ملڪ کي ختم ڪري چڪو آهي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته چئن سالن جو گند چئن مهينن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته جيڪا تباهي ٿي رهي آهي ان کي روڪيون، فيصلو اهو ئي آهي ته قومي ذميواري جو آئين ۽ قانون ڏئي ٿو، جيڪو آئين، قانون ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ آهي، ان جي روشني ۾ ان کي اڳتي وٺي وينداسين. وفاقي وزيرن چيو ته عمران خان جي سوچ اها آهي ته جيڪڏهن مان اقتدار ۾ نه آهيان ته پاڪستان تي ڀلي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏيو، ڪنهن به ملڪ اندر ڄاڻي واڻي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button