اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ڊينگي تباهي مچائي ڇڏي،سنڌ ۾ 335 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڊينگي جي تيزي سان ڦهلجڻ سبب ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا، ڪراچي جي 31 اسپتالن جا ڪرونا وارڊز ڊينگي آئسوليشن وارڊز ۾ تبديل ٿي ويا. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 335 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي مطابق 335 مان 257 ڪيس ڪراچي مان آهن، هلندڙ مهيني پهرين سيپٽمبر کان وٺي هن وقت تائين ڪراچي ۾ 4 هزار 318 ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل مهيني آگسٽ ۾ سڄي ڪراچي ۾ 1265 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ 7 هزار 532 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ ڊينگي وگهي 32 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي. پشاور سميت خيبرپختونخوا ۾ به ڊينگي جا حملا جاري آهن. پشاور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڊينگي بخار هڪ ڄڻي کان حياتي کسي ورتي، جنهن سان فوتين جو انگ 7 ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 259 ڪيس سامهون آيا. پشاور مان 175، هريپور مان 34، خيبرمان 21 ڪيس رپورٽ ٿيا. صوبي ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ هڪ هزار 615 ٿي ويو. جڏهن ته ڪل ڪيسن جو انگ 6 هزار 412 ٿي ويو آهي پشاور ۾ هن وقت ڊينگي جا 125 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. صوبي ۾ مردان، پشاور ۽ خيبر ڊينگي وائرس جي پکيڙ ۾ آهن. هن وقت تائين مردان ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 918، پشاور ۾ هڪ هزار 695، خيبر ۾ 687 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح بلوچستان به ڊينگي جي لپيٽ ۾ آهي بلوچستان جا 3 ضلعا گوادر، ڪيچ ۽ لسٻيلو ڊينگي سان متاثر آهن. هلندڙ هفتي دوران صوبي ۾ ڊينگي جا 127 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪيچ ۾ 72 گوادر ۾ 26 ۽ لسٻيلي ۾ 29 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن. هلندڙ سال صوبي ۾ رجسٽرڊ ڊينگي ڪيسن جو انگ 3 هزار 198 ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي ماهرن مطابق بخار يا لڱن جي تڪليف ٿيڻ تي بنا دير ڊينگي ٽيسٽ ڪرايو. ٻئي طرف پنجاب، خيبرپخوتنخوا ۽ اسلام آباد ۾ صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ لڳي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ لڳا، اسلام آباد ۾ ڊينگي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 104 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، شهري علائقن ۾ 56 ڪيس، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 48 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جنهن سان ڊينگي ڪيسن جو ڪل انگ 1923 ٿي ويو. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊيگي ڪيسن جو انگ 1150 ۽ شهري علائقن ۾ ڊينگي ڪيسن جو انگ 773 آهي. هن وقت تائين ڊينگي وگهي 6 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پمز اسپتال ۾ ڊينگي ڪيسن جو انگ 292 آهي. پولي ڪلينڪ ۾ 80، ڪئپيٽل اسپتال ۾ 40 مريض علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي پنجاب ۾ ڊينگي جي صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، گذريل 24 ڪلاڪن اندر صوبي مان ڊينگي جا 385 مريض رپورٽ ٿيا. پنجاب جي صحت کاتي جي سيڪريٽري مطابق لاهور مان 186، راولپنڊي مان 100 گجرانوالا مان 32 ڪيس رپورٽ ٿيا. ملتان مان 13، شيخوپوره، اوڪاڙه ۽ حافظ آباد مان 5-5 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. فيصل آباد، خانيوال مان 4، گجرات، بهاولپور، چڪوال جا 3-3 ڪيس رپورٽ ٿيا. قصور، اٽڪ، ساهيوال، سرگودا، مظفرڳڙهه، بهاولنگر، رحيم يارخان مان 2-2 ڪيس سامهون آيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته سيالڪوٽ، وهاڙي، ننڪانه صاحب، نارووال، ڊيرا غازي خان، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ميانوالي لئيه مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي .گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڊينگي وائرس سبب هڪ به فوتگي رپورٽ ناهي ٿي. هلندڙ سال هن وقت تائين پوري پنجاب ۾ ڊينگي بخار سبب 8 ڄڻا فوت ٿيا آهن. لاهور سميت صوبي جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 1126 مريض داخل آهن. لاهور جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 262 مريض داخل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button