پاڪستان

ليوي نه وڌائڻ حڪومت جو هڪ طرفو فيصلو آهي، هاڻي خدا خير ڪري:مفتاح اسماعيل

ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هن آ ايم ايف کي پيٽرول تي ليوي لڳائڻ جو يقين ڏياريو هو پر هن مهيني حڪومت پيٽروليم اگهن ۾ هڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي، هاڻي الله خير ڪري. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ناڻي وزير طور منهنجي عهدو سنڀالڻ جي ٻن هفتن بعد ئي اسحاق ڊار جي واپسي جون خبرون اچي ويون، آئون پاڻ کي عهدي تي غير محفوظ سمجهندو هئس، ان ڪري ئي ٻن ٽن هفتن بعد ملاقات جو وقت ئي نه ڏيندو هئس، اهو ئي سبب آهي جو مون ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ويندي پر منهنجي پڪ ناهي، منهنجي ڳالهه نيٺ سچ نڪتي. مفتاح انڪشاف ڪيو ته آ ايم ايف اختيارين چيو ته قسط ملڻ بعد توهان پيٽرول تي ليوي نه لڳائيندا پر مون کين يقين ڏياريو ته پيٽرول تي ليوي ضرور لڳائيندس، ٽن مهينن تائين مون پيٽرول تي 10- 10 رپيا ۽ ڊيزل تي 5- 5 رپيا ليوي لڳائي هئي پر هن مهيني حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ليوي نه وڌائي آهي، مون عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) جي ايم ڊي کان پڇيو ته ڇا اسان ٽيڪس برقرار رکي سگهون ٿا، ان سوال جو جواب اڃا تائين ناهي آيو، حڪومت هن مهيني هڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي، هاڻي خدا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button