پاڪستان

بئٽنگ هلي نه بالنگ، پاڪستان هر شعبي ۾ ناڪام، انگلينڊ گهر ۾ ٽي-20 سيريز هارائي ڇڏي

17 سالن بعد پاڪستان جي دوري تي آيل انگلينڊ ٽيم ستن ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سيريز ۾ ميزبانن کي 3-4 تان شڪست ڏئي گهر ويٺي ٽرافي کان محروم ڪري ڇڏيو، يادگار سيريز جي آخري دنگل ۾ پاڪستان کي هڪ طرفي مقابلي بعد 67 رنسن تان شڪست ملي، بالرن کي مليل ڪٽڪي بعد بئٽنگ لائن به انتهائي خراب نموني فلاپ ٿي وئي، 210 رنسن جي حدف جي جواب ۾ پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽون وڃائي 142 رنسون ٺاهيون، شان مسعود جي ففٽي ۽ خوشدل شاهه جون 27 رنسون جبل جيڏي ٽارگيٽ تائين پهچڻ ۾ ڪا مدد نه ڏئي سگهيون، ڪپتان بابر اعظم 4 بالن تي 4، افتخار 19، محمد رضوان 4، آصف علي 7، محمد نواز 9 ۽ محمد وسيم 5 رنسن تائين محدود رهيا، ڪنهن به بئٽر فائنل جهڙي اهم مقابلي ۾ ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو. ان کان اڳ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ انگلينڊ جي ٽيم سيريز جي ستين ۽ آخري مئچ ۾ پهرين بئٽنگ جي دعوت ملڻ تي مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 209 رنسن جو جبل کڙو ڪيو. اوپننگ جوڙي روايتي انداز سان ڌوڙيا لائي ڏنا، 39 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان کي پهرين وڪيٽ ملي جڏهن ايلڪس هيلز کي 18 رنسون ٺاهڻ بعد حسنين پنجين اوور ۾ ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو، جنهن بعد ڊيوڊ ملن ٽن ڇڪن ۽ 8 چوڪن سان 47 بالن تي 78 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن تي هيري بروڪ 4 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي ذريعي 29 بالن تي 46 اسڪور ٺاهي پاڪستاني بالرن کي ڪٽي ناڙ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button