اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري، جيڪڏهن گرفتار ڪرڻو آهي ته قوم سميت تيار آهيان، جيل کان ڊڄڻ وارن مان ناهيان، هر ٻئي ڏينهن اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي پر پاڪستاني عوام خوف جا بت ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيا آهن. ٽيڪسلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مريم نواز جي اها خواهش آهي ته سائفر گم ٿي وڃي ته جيئن سندس چاچي ۽ آمريڪا جي ڪيل سازش بابت عوام کي خبر نه پئجي سگهي پر هنن سائفر گم ٿيڻ جو ڊرامو رچائي خط جي معاملي کي ٻيهر جياري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي ماسٽر ڪاپي پرڏيهي وزارت ۾ موجود آهي، مريم پنهنجي سفير کان ان حوالي سان پڇي سگهي ٿي، مون 28 مارچ تي قوم کي خط ڏيکاريو هو، جنهن ۾ سازش واضح ٿيل هئي پر هي نئون ڊرامون پيا ڪن ته سائفر گم ٿي ويو آهي. پي ٽي آ سربراهه چيو ته اڄ پاڪستان ۾ مهانگائي 50 ورهين جي بلند ترين سطح تي آهي، اهي حڪومت ۾ اچي عوام لاءِ ڪجهه به نه پيا ڪن، رڳو پنهنجا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائي رهيا آهن، هنن جي قانون تبديل ڪرڻ سان طاقتور قانون کان بچي ويندا ۽ ننڍا ماڻهو پڪڙيا ويندا، اسحاق ڊار ته نواز شريف کان به ڊڄڻو آهي، ڊيل کانسوا سندس واپسي ممڪن نه هئي، جيڪي سازش کي ڪامياب ٿيڻ کان روڪي سگهن ٿا اهي هن وقت پاڻ کي نيوٽرل چوندا ته قوم کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته امپورٽيڊ حڪومت منهنجي گهر تي ٽيون ڀيرو پوليس موڪلي آهي، حڪومت ڌمڪيون ڏيڻ بدران مون کي جيل ۾ وجهي ڇڏي، توهان وٽ ايترا جيل نه آهن، نه صرف مان پر منهنجي قوم به تيار آهي، اسان کي جيل جو ڊپ ناهي ۽ نه ئي نامعلوم فون ڪالز کان ڊڄون ٿا، پاڪستان ۾ حقيقي آزادي جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، اسان کي اهڙن سياستدانن جي ضرورت آهي، جن جا ضمير ويڪائو نه هجن، جن چورن کي اسان تي مڙهيو ويو آهي انهن مان جند آجي ڪرائڻي آهي، قانون جي بالادستي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ کي حقيقي آزادي ڏيارڻ لا سڀني کي منهنجو ساٿ ڏيڻو آهي، آئون ڀرپور تياري ڪري رهيو آهيان، تنهن ڪري راڻا ثنا الله ۽ شهباز شريف تيار ٿي وڃن، مون کي توهان جو پلان خبر آهي پر توهان کي منهنجي رٿابندي خبر ناهي، آئون ڪنهن به وقت عوام کي سڏ ڏئي سگهان ٿو، تنهن ڪري سڀني کي تيار رهڻو پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close