پاڪستانسنڌ

هنڱورنو ۾ اي پي سي، سنڌڙي مان پاڻي نه ڪڍرائڻ تي ڌرڻي جو اعلان

سنڌڙي: فطرتي وھڪرا بند ھجڻ سبب سنڌڙي تعلقي جي کاٻي پاسي ۾ ھڪ ٽائون ڪميٽي ۽ 4 يوسيز ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ھجڻ سبب وھڪرن جي بحالي لاءِ سنڌڙي پريس ڪلب جي ميزباني هيٺ هنڱورنو شھر ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ فنڪشنل ليگ جي اڳوڻي تعلقي ناظم سرفراز جوڻيجو، فنڪشنل ليگ ميرپورخاص ضلعي جي صدر مبارڪ مھر، جي يو آئي اڳواڻ رفيق سومرو، نواز ليگ اڳواڻ مسعود وساڻ، پي ٽي آئي ميرپورخاص ضلعي جي صدر آفتاب قريشي، ميرپورخاص بار جي صدر شوڪت راھمون، آبادگار اڳواڻ جاويد جوڻيجو، ايس يو پي اڳواڻ مصطفيٰ جمال شر، ايڊووڪيٽ مجيب الرحمان شر، نصير خان مري، سول سوسائٽي ميرپورخاص جي واجد لغاري، شير محمد سولنگي، ممتاز بلوچ، وڪيل مير محمد نوھڙي، آبادگار علي لاشاري، اسماعيل شر، نبن خان شر، ماٺيڻو راڄڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌڙي تعلقو هميشه برساتي پاڻي ۾ ٻڏندو اچي ٿو، پر ان مسئلي جي حل لا انتظاميا ڪڏھن به سنجيدگي نه ورتي آھي، پاڻي نيڪال جي قدرتي لنگھن تي بااثرن جا قبضا آھن، جيڪي انتظاميا خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، سنڌ حڪومت طرفان سم نالو کوٽائڻ جي مد ۾ رکيل 28 ارب رپين مان صرف نالي ماتر ئي ڪم ٿي سگھيو آھي، حڪمران پارٽي ان مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو آھي، جنھن ڪري ٻوڏ اسان جو مقدر بڻجي وئي آھي. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ئي سنڌڙي تعلقي کي هٿ وٺي ٻوڙيو آھي ۽ ان ڪري هن اي پي سي ۾ پيپلز پارٽي جو ڪوبه نمائندو شريڪ ناهي ٿيو، اسان جي عوام 12 هزار تي وڪاميل آھي. اي پي سي ۾ 20 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي. ڪميٽي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڊي سي ميرپورخاص 10 ڏينھن اندر سنڌڙي تعلقي جو برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو ته ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. اي پي سي ۾ سنڌي ادبي سنگت، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button