پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ دلبر مهر پوليس ۽ بااثرن خلاف مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ دلبر مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھڙٻي واسي ڳوٺاڻي، پنھنجي گھرواري ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ بااثرن ۽ حد جي پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان هڪ زميندار وٽ ھارپو ڪندا آھيون. گذريل رات زميندار ۽ سندس ڪمدار شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گھر اندر گھڙي آيا، جن منھنجي گھرواري سان جنسي ڏاڍائيءَ جي ڪوشش ڪئي، رڙين ۽ مزاحمت تي پاڙيوارن جي اچڻ بعد ھو فرار ٿي ويا، جنھن بعد اسان اھڙي شڪايت دلبر مھر ٿاڻي تي کڻي وياسين، پر پوليس بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بااثر زميندار شڪايت ڪرڻ تي عورتن کي زوري اغوا ڪرڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي پيو. زميندار چوپايو مال ۽ گھريلو سامان پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس بااثرن جي ونگاري بڻيل آھي. متاثر خاندان ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button