پاڪستانپنجاب

ظلم ۽ انتقام جي سياست ختم ٿيڻي هئي: مريم نواز

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جو پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ محمد امير ڀٽي جي اڳواڻي ۾ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس طارق سليم شيخ تي ٻڌل 3 رڪني بينچ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي درخواست تي شنوائي ڪئي، گذريل شنوائي تي عدالتي حڪم تي نيب اڳواڻن ٻن صفن تي ٻڌل مختصر جواب داخل ڪرايو ۽ فاضل بينچ کي آگاهه ڪيو هو ته نيب وٽ مريم نواز جو پاسپورٽ ناهي ۽ نه ئي عدالت پاران پاسپورٽ جي واپسي تي اعتراض آهي. ڪالهه عدالت جي شنوائي دوران درخواست ڏيندڙ مريم نواز جي وڪيل پيش ٿي ڪري عدالت کي گذريل شنوائي نه ٿيڻ تي غيرمشروط طور تي معافي گهري. جنهن کي عدالت قبول ڪري ورتو. عدالت نيب اڳواڻن پاران جواب داخل ڪرائڻ کانپوءِ مريم نواز جي درخواست منظور ڪندي رجسٽرار آفيس کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو هو ته ڪنهن کي به بنيادي آئيني حقن کان اڻڄاڻايل مدي تائين محروم نٿو ڪري سگهجي، درخواستگذار مريم نواز ڪٿي ڀڄي نه ويندي، نيب قانون ۾ ڏوهاري جي پرڏيهي ملڪ وڃڻ تي ڪابه پابندي ناهي هنئي وئي. مريم نواز پاران درخواست ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته 7 ڪروڙ روپيا به سيڪيورٽي لاءِ جمع ڪري رکيا آهن، چوڌري شوگر مل ڪيس ۾ ميرٽ تي ضمانت ملي هئي. ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشنل کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز عدالتي حڪم تي پاسپورٽ واپس ملڻ تي ردعمل ڏيندي چيو ته ظلم ۽ انتقام تي ٻڌل سياست هڪ ڏينهن ختم ٿيڻي هئي. مريم نواز سوشل ميڊيا تي بيان ۾ الله جو شڪر ادا ڪندي ٻڌايو ته منهنجو پاسپورٽ واپس ملي ويو آهي پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته منهنجو پاسپورٽ ان ڪيس ۾ ٽن سالن تائين ضبط رهيو، جيڪو ڪيس منهنجي خلاف ڪڏهن ٺهيو ئي نه آهي. مريم نواز پنهنجي ٽوئٽ ۾ ڪنهن جو نالو وٺڻ بنا لکيو ته منهنجي جلسن جي ڊپ کان فتني مون کي جاچ لاءِ 3 مهينا نيب ۾ بنا جواز ۽ ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڊيٿ سيل ۾ رکيو پر ڪيس اڄ تائين فائنل ناهي ٿيو. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر لکيو ته فتني جي ظلم ۽ انتقام تي ٻڌل سياست هڪ ڏينهن ختم ٿيڻي هئي، ڇو ته هي قدرت جو اصول آهي پر هي فارن ايجنٽ اڄ به ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ جعلسازي کان ناهي مڙهيو، مڪافات عمل ۽ ان جو عبرتناڪ انجام ان جي پٺيان آهي. هوڏانهن عورت جج کي ڌمڪي جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان تحريڪ انصاف عمران خان خلاف توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪرڻ جي فيصلي تي (ن) ليگ نائب صدر مريم نواز ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. مريم نواز ٽوئيٽر تي فيصلي جي خبر شيئر ڪندي هڪ بيان به جاري ڪيو. هن لکيو “توهين ته ٿي آهي ۽ سڄي دنيا جي سامهون ٿي آهي، سو ڪيس خارج ٿيڻ بدران اهو چوڻ وڌيڪ مناسب رهندو ته فتني کي معافي ملي آهي، درگذر ٿيو آهي”.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button