پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو يوسي ڊاسوڙي جو قديمي ڳوٺ صاحب ڏنو شيخ اڃا تائين ٻڏل آهي. برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ چونڊيل نمائندن خلاف حاجي محمد يوسف شيخ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڳوٺاڻن چيو ته سڄو ڳوٺ ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، جنهن سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ آهن ۽ ڳوٺاڻا گهرن ۾ ڦاٿل آهن، اسان ڀاڙي تي ٻيڙين ۾ اچ وڃ ڪري رهيا آهيون، چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار ھن وقت تائين اسان جي ڪابه واهر نه ڪئي آهي، برساتي پاڻي بيهڻ ڪري زھريلي جيتن ۽ مڇرن جو آزار آھي، جنھن سبب ڪيترائي ماڻهو بيمار ٿي پيا آهن. متاثر ماڻهن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي کاڌي ۽ ميڊيڪل جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button