سرھاڙي: سرھاڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جعفر مگسي جي رھواسي شخص اسلم مگسي پنهنجي پاڻ تي مبينا رپيٽر جو فائٔر ڪري آپگھات ڪري ڇڏيو، جنهن کي پوليس ۽ وارثن سمس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو، ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اسلم جي ڀائٔيٽي معشوق مگسي ٻڌايو ته چاچي اسلم مگسي جو دماغي توازن صحيح نه ھو، سندس علاج به ھلندڙ ھو، مامي احمد مگسي جي گھر ۾ پيل رپيٽر کڻي باٿروم ۾ وڃي پنھنجي پاڻ تي فائٔر ڪري آپگھات ڪيو، چاچي اسلم کي ٻن ٻارن جو اولاد آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close