پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ امڪاني ڪٽ ڏيڻ خلاف رهواسين جو مظاهرو

ڊگھڙي: ڊگھڙي ڀرسان ديهه 189 جي رهواسين امڪاني ڪٽ ڏئي بدين ضلعي جو پاڻي نيڪال ڪري سوين ڳوٺ ٻوڙڻ خلاف الهبچايو جروار، ڪامريڊ حفيظ جروار ۽ سجاد جروار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته ماتلي تعلقي جو اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪارو آبپاشي کاتي جي ذميوار انتظاميش ۽ بدين ضلعي جون ڪجھا بااثر ڌريون اسان جي ڳوٺن ڀرسان ٽي لکي موري ويجهو ڊگھڙي-ٽنڊوباگو روڊ تي هٿرادو ڪٽ هڻي اسان جي علائقي جا سوين ڳوٺ ٻوڙائڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺن ڀرسان بدين ضلعي جي مختلف ديھن جو پاڻي ايل بي او ڊي ذريعي نيڪال ٿي رهيو آهي، اڃان به جيڪڏهن انتظاميا چاهي ٿي ته نصير ڪئنال تي لفٽ مشينون لڳائي ديهھ ڪانگڻي، سور ۽ ٻين ديهن جو پاڻي نيڪال ڪرائي سگهي ٿي، جنهن جو ڇوڙ پراڻ ۾ ڪيو وڃي، جنهن سان نه صرف بدين ضلعي جي ڳوٺن جو پاڻي نيڪال ٿي سگهندو، پر ان سان گڏ ڳوٺ به بچي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button