پاڪستانسنڌ

سجاول لڳ هڪ ئي گهر جا ڀاتي بيماري ۾ مبتلا، ماس ڳرڻ لڳو، نور کان محروم

سجاول: سجاول لڳ ٻيلو روڊ تي ڳوٺ نياز ملاح جا رهواسي پراسرار بيماري ۾ وٺجي ويا. ھٿن، پيرن جو ماس ڳرڻ، زبان ڪٽجي وڃڻ ۽ اکين جي روشني ختم ٿي وڃڻ واري بيماري ۾ مبتلا نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سبب ڳوٺ جو نالو ئي معذورن جو ڳوٺ پئجي ويو آهي. بيماري ۾ ورتل پيرن ۽ هٿن سان معذور ۽ اکين کان نابين هڪ ئي گهر جا ڀاتي سئوٽ، ڀائر ۽ ڀينرون علي اڪبر ملاح، عبدالمجيد ملاح، صالح ملاح، گل محمد ملاح، شاهيلا نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان وڏي عرصي کان پراسرا بيماري ۾ ورتل آهيون، جنهن سبب اسان جي پيرن ۽ هٿن ۾ زخم ٿيڻ بعد ماس ڳري وڃي ٿو. ھنن چيو ته اسان هنن زخمن کي جيت مار دوا هڻندا آهيون پو اسان جي هٿن ۽ پيرن مان تڪليف ختم ٿيندي آهي.

هنن جو چوڻ آهي ته اسان سڀئي گهر جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ۽ ٻار وڏي عرصي کان هن پراسرا بيماري سبب عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن چيو ته اسان جا مائٽ معذوري ڪري پيٽ جو گذر سفر به وڏي مشڪل سان ڪن ٿا ان ڪري اسان پنهنجو علاج نٿا ڪرائي سگهون. هنن چيو ته ڪنهن به چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن اسان جي واهر نه ڪئي آهي، ڪير به اسان وٽ لڙي نه آيو آهي. هنن معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ ۽ سندن سٺو علاج ڪرائي اذيت واري زندگي مان نجات ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button