حيدرآباد: سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ جي بندن ۽ ڪئنالن کي ڏنل ڪٽ بنا دير بند ڪرڻ، پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ۽ زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري ربيع 2022 ۽ خريف 2023 لاءِ آبادگارن کي ڀاڻ تي 50 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ، بجلي جي بلن تي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ختم ڪري اڳ ورتل چارجز آبادگارن کي واپس ڪرڻ، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تڪڙن بنيادن تي وياج بنا قرض ڏيڻ لاءِ ون ونڊو آپريشن شروع ڪرڻ، متاثر علائقن ۾ زرعي قرض معاف ڪرڻ سميت ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ، سورج مکي، ڪپهه ۽ ٻيا ٻج مفت ۾ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه، نائب صدر محمد بشير نظاماڻي، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار يوسفاڻي ۽ ٻين ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران سنڌ سرڪار پاران ايندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ جاني، مالي ۽ زراعت کي وڏو نقصان پهتو آهي. هنن چيو ته درياهه ۾ وڌ ۾ وڌ وهڪرا لڳ ڀڳ 750,000 ڪيوسڪ هئا، جيڪي درياهه، ڊيلٽا، انساني زندگيءَ ۽ ماحول جي لائف لائن هئا. اسان جي نظر ۾ 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ به ڪو سبق نه سکيو ويو، 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ تيار ڪيل رپورٽن ۽ ڊيٽا موجب پاڻي جي نيڪال جي بنيادي ڍانچي کي نه ته بحال ويو ۽ نه ئي وڌايو ويو. ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جو ڪو به منصوبو نظر نه آيو. برساتن سبب ڪل پاڻي 70 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. پاڻي جو منظم نيڪال، منڇر ڍنڍ جو مناسب انتظام، آپريشنل ڍورا (قدرتي پاڻي جا رستا)، سم نالا، ايل بي او ڊي ٺيڪ طرح سان ڪم ڪندا هجن ها ته هنن تڪليفن کان بچي سگهجي ها.
هنن چيو ته هن وقت پاڻي جي نيڪال جا اپاءَ سست آهن، پاڻي جي نيڪال جو اهو ڪم وقت تي پورو ڪرڻ لاءِ ضلعي وار پاڻي جي نيڪال جا منصوبا ٽائم لائين ۽ مناسب وسيلن سان تيار ڪرڻ گهرجن. يونين ڪائونسل سطح تي ننڍن آبادگارن کي ڊيزل ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي زمين مان پاڻي ڪڍي سگهن. واهن، سم نالن ۽ پاڻي جي ٻين وهڪرن جي وسيلن کي پيل گهارا ترت بند ڪيا وڃن. باقي بيٺل فصلن ۽ نئين پوک لاءِ جتي ممڪن هجي اتي آبپاشي جي پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي. هنن چيو ته منڇر جو منصوبو، ماهرن جي راءِ موجب جڏهن سنڌو نديءَ ۾ پاڻي جي وهڪري جي سطح اڃان گهڻي نه وڌي هئي جيڪڏهن منڇر مان ان وقت پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ها ته ٻوڏ جو اثر گهٽجي وڃي ها. آر بي او ڊي (رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين) کي جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي. هڪ مستقل بنيادن تي موسمياتي تبديلي فنڊ ٺاهيو وڃي جيڪو صرف اهڙن ڏکين وقتن ۾ استعمال ڪيو وڃي، موسمياتي سمارٽ زراعت جي حوصلا افزائي، معلومات جي فراهمي، موسمياتي اسٽيشنن جي ٺاهڻ ۽ تحقيق، ترقي ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ تحقيقي ادارن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن ٻوڏ، ڏڪار، پاڻي جي نيڪال ۽ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ جي بهتر انتظامن بابت باخبر رهي فيصلو ڪري سگهجي.