پاڪستانسنڌ

ڌاٻيجي ۾ منشيات جي وڪرو خلاف علما ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

ڌاٻيجي: ڌاٻيجي ۾ علما ايڪشن ڪميٽي پاران قبرستانن ۽ تعليمي درسگاهن اندر منشيات وڪري خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن مولانا عبدالقادر، قاري فياض، افتخار احمد، سيد رحمان ۽ ٻين چيو ته غريب آباد مارڪيٽ جي قبرستان ۽ بلال نگر ريلوي لائين ڀرسان منشيات کلي عام وکر جيان وڪرو ٿي رھي آھي، معصوم ٻارڙا توڙي نوجوان تيزي سان نشي جا عادي ٿي رھيا آھن، نشو وپرائڻ سبب اسڪولن سميت قبرستان جي بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب ڏوھن ۾ پڻ واڌارو ٿي رھيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي منشيات فروشن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ جمعي ڏينهن نماز کانپو ايس ايس پي ٺٽو آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button