ٺٽو: ٺٽي ڀرسان چليا وٽ قومي شاھراھه تي ڊاٽسن ۽ ھاءِ روف ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. خبر موجب ٺٽُو-حيدرآباد قومي شاهراھي تي چليا وٽ ٻن گاڏين ھاءِ روف ۽ ڊاٽسن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٺٽي جو رھواسي محمد بچل منڇري ۽ ٽنڊي محمد خان جو رھواسي محمد اقبال سومرو ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
جڏهن ته اطلاع تي 1122 ريسڪيو ايمولنيسز جا رضاڪار ۽ علائقي واسي پهچي ويا، جن گاڏين ۾ ڦاٿل لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي سول اسپتال ٺٽو پهچايو. حادثي ۾ مير حسن، محمد رحيم، شھزاد، اشرف ملاح، جاويد ملاح سميت 14 زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور علاج لا حيدرآباد موڪليو ويو، جتي ڪجھه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وچي. حادثي ۾ فوت ٿي ويل اقبال سومرو ٽنڊي محمد خان جو رھواسي آھي، جيڪو پان جو واپاري ھو، ٽنڊي محمد خان مان ٺٽي اچي رھيو ھو ته حادثي ۾ فوت ٿي ويو.