اسلام آبادپاڪستان

8 بئنڪن ڪرنسي جي قدر ۾ ڦيرڦار ڪري غيرقانوني رقم ٺاهي:اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد :اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر انڪشاف ڪيو آهي ته 8 بئنڪن ڪرنسي جي قدر ۾ ڦيرڦار ڪري غيرقانوني رقم ٺاهي. قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قيصر احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش به شرڪت ڪئي. ڪميٽي ميمبرن سوال ڪيو ته ڊالر 245 کان مٿي ڪيئن ويو، اسٽيٽ بئنڪ ريگيوليٽر جي حيثيت سان بئنڪن خلاف ايڪشن ڇو نه ورتو. جڏهن ته انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ 10 رپين جو فرق ڏٺو ويو. ان تي ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته 8 بئنڪن نيشنل بئنڪ، ميزان بئنڪ، بئنڪ حبيب، حبيب ميٽرو، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ، ايڇ بي ايل، يو بي ايل ۽ الائيڊ بئنڪ ڪرنسي جي قدر ۾ ڦيرڦار ۾ ملوث آهن، جن غير قانوني پئسا ڪمايا آهن.ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ اضافو ٿيو، جيڪو اڃا به وڌي سگهي ٿو. ڪميٽي ۾ جڏهن ڊالر جي ريٽ مان غير قانوني پئسا ڪمائيندڙ بئنڪن جي لسٽ پيش ڪئي وئي ته فنانس ڪميٽي جي ميمبرن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ناڻي واري سيڪريٽري تي سخت نعريبازي ڪئي.سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ثبوتن سان ڪارروائي ڪندي، مڪمل ثبوتن سان بينڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button