اسلام آباد : وفاقي حڪومت ۽ هاري اتحاد وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. هاري اتحاد جي اڳواڻن ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله هارين جي ڌرڻي ۾ پهتو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هارين جي مطالبن تي وزيراعظم ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا اڄ هارين سان ويهي معاملا ڏسندي. سندس چوڻ هو ته فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز ۽ هاڻوڪي بجلي بلن جي ادائيگي کي ملتوي ڪرڻ وارا مطالبا منظور ڪيا ويا آهن. گهرو وزير چيو ته هاري خوشحال هوندو ته ملڪ خوشحال ٿيندو، هارين جا مسئلا رڳو انهن جا نه پر اسان جا ذاتي مسئلا آهن تنهنڪري گذارش آهي ته هارين جي ٽيم ٻيا هاڻ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موٽي وڃن. گهرو وزير جي اهڙي اعلان کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close